خليفي صاحب جو رسالو

خليفي صاحب جو رسالو

خليفي صاحب جو رسالو

خليفي صاحب جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، خليفي نبي بخش لغاريءَ جي شاعري ترتيب ڏئي ان کي ’خليفي صاحب جو رسالو‘ نالو ڏنو. هن رسالي ۾ خليفي جي سوانح حيات ۽ سندس ڪلام بابت تفصيلي بحث ٿيل آهي. رسالي جي متن جي آخر ۾ خليفي صاحب جو باقي شعر ’متفرقه ڪلام‘ جي عنوان هيٺ به مرتب ڪيو ويو آهي. متفرقه ڪلام جي آخر ۾ رسالي جي هر هڪ سر جي مقصد ۽ مضمون جي پس منظر تي مختصر روشني وڌي وئي آهي ۽ بيتن ۾ استعمال ٿيل ڪن ڏکين لفظن ۽ محاورن جي معنيٰ به ڏني وئي آهي.
هيءُ رسالو پهرين ڪجهه نسخن جي صورت ۾ هو، جن جو ذڪر رسالي جي مهاڳ ۾ ڪيل آهي. هي رسالو 29 سرن ۽ متفرقه ڪلام تي مشتمل آهي. رسالي جي سرن ۾ سر ڪلياڻ، سر کنڀاٽ، سر راڳ، سامونڊي، سارنگ، ڪيڏارو، سسئي، سورٺ، بيراڳ هندي، جوڳ، جهنگلو، بروو سنڌي، راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، رپ، ڌناسري، ڍولو مارو ۽ ٻيا شامل آهن. 303 صفحن تي مشتمل هن رسالي جي قيمت 200 رپيا آهي. هن رسالي جو پهريون ڇاپو، جون 1966ع ۽ ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو